پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ هاڪاري ڏينهن

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار لاءِ سٺو ڏينهن رهيو، 100 انڊيڪس 130 پوائنٽس جي واڌ سان 44 هزار 43 تي بند ٿيو.

شيئرز بازار ۾ اڄ 14 ڪروڙ 34 لک شيئرز جو واپار ٿيو، شيئرز بازار جي ڪاروبار جي ماليت 4 ارب 98 ڪروڙ رپيا رهي.

مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 18 ارب رپيا وڌي 7551 ارب رپيا آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔