پي سي بي جو سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي بهتريءَ لاءِ وڏو قدم

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي بهتريءَ لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ۽ سنڌ حڪومت جي گذريل هفتي ٿيل اجلاس ۾ سنڌ اسڪولز ڪرڪيٽ ليگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اجلاس ۾ ڊائريڪٽر نيشنل هاءِ پرفارمنس نديم خان، جنرل مئنيجر ڊوميسٽڪ جنيد ضياءَ، سنڌ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين عمران حسين ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه سميت ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.

فيصلي موجب سنڌ اسڪولز ڪرڪيٽ ليگ فيبروري کان شروع ٿيندي، ليگ جي پهرئين مرحلي ۾ ڪُل 239 ميچون کيڏيون وينديون، جيڪي صوبي جي 30 مختلف ضلعن ۾ ٿينديون.

اجلاس ۾ چيو ويو ته 240 ٽيمن جا مجموعي طور 3850 رانديگر شرڪت ڪندا، پهرئين مرحلي جي پڄاڻي تي ليگ 30 بهترين ٽيمن وچ م 24 ميچون کيڏيون وينديون، ٽاپ ڪندڙ 6 ٽيمون سنڌ چيمپيئن شپ ۾ شرڪت ڪنديون.

ان سلسلي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي سنڌ حڪومت جو مڪمل سهڪار حاصل هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔