فواد چوڌري پاڪستان کي ڪورونا جو سڀ کان وڏو ايڪسپورٽر چئي ڇڏيو

اسلام آباد: سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري پريس ڪانفرنس دوران پاڪستان کي ڪورونا جو سڀ کان وڏو ايڪسپورٽر قرار ڏئي ڇڏيو.

ڪابينا اجلاس کانپوءِ فواد چوڌري پريس بريفنگ ڏئي رهيو هو، جنهن دوران سندس زبان تِرڪي پئي ۽ هن رواني ۾ اهو چئي ڇڏيو ته پاڪستان ڪورونا جو سڀ کان وڏو ايڪسپورٽر آهي.

صحافين جي نشاندهي تي فواد چوڌري پنهنجي ڳالهه درست ڪئي ۽ چيو ته مان ميڊيڪل سامان جي برآمد جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔