قومي سلامتي پاليسي تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو: رضا رباني

اسلام آباد: پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته سلامتي پاليسي تي پارليامينٽ جي نه راءِ ورتي وئي ۽ نه ئي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي.

پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته قومي سلامتي پاليسي کي پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي ۾ جوڙڻ گهربو هو، قومي سلامتي ڪميٽي سڀني ڀائيوارن، فوجن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ حڪومتي کاتن جي مشاورت سان پاليسي تيار ڪندي آهي.

هن چيو ته قومي سلامتي پاليسي جو مسودو پارلياماني ڪميٽي سامهون پيش ڪرڻ گهرجي ها، پارلياماني ڪميٽي جي راءِ کانپوءِ پاليسي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪرڻ گهرجي ها.

واضح رهي ته وفاقي ڪابينا قومي سلامتي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان حوالي سان قومي سلامتي بابت خاص مددگار معيد يوسف جو چوڻ هو ته قومي سلامتي پاليسي کي هڪ هفتي اندر پبلڪ ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته قومي سلامتي پاليسي جو مقصد پاڪستان جي عام شهري کي تحفظ پهچائڻ آهي، معيشت مضبوط ٿيندي ته اسان عوام تي خرچ ڪري سگهنداسين، هڪ هفتي ۾ قومي سلامتي پاليسي کي پبلڪ ڪنداسين، چاهيون ٿا ته ان تي بحث ٿئي ۽ ماڻهو پنهنجي راءِ جو اظهار ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔