قومي سلامتي پاليسي ڪابينا مان منظور، هڪ هفتي ۾ پبلڪ ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي قومي سلامتي وارن معاملن بابت خاص مددگار معيد يوسف چيو آهي ته قومي سلامتي پاليسي ڪابينا مان منظور ٿي وئي آهي ۽ اُن کي هڪ هفتي اندر پبلڪ ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي معيد يوسف جو چوڻ هو ته قومي سلامتي پاليسي جو مقصد پاڪستان جي عام شهري کي تحفظ پهچائڻ آهي، معيشت مضبوط ٿيندي ته اسان عوام تي خرچ ڪري سگهنداسين.

هن چيو ته هڪ هفتي ۾ قومي سلامتي پاليسي کي پبلڪ ڪنداسين، چاهيون ٿا ته ان تي بحث ٿئي ۽ ماڻهو پنهنجي راءِ جو اظهار ڪن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته قومي سلامتي پاليسي جو 2014 کان سلسلو شروع ٿيو، سول ۽ ملٽري ليڊرشپ گڏجي ڪم ڪيو ۽ اڄ ان جو مسودو منظور ٿيو آهي، ان تي سمورن ادارن اتفاق ڪيو آهي.

خاص معاون چيو ته وزير اعظم جي هدايت تي هر مهيني قومي سلامتي پاليسي تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔