پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري ڪرسمس ملهائي رهي آهي

ڪراچي: پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾ اڄ مسيحي برادري پاران ڪرسمس جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، جنهن سلسلي ۾ مختلف شهرن ۾تقريبون منعقد ڪري ڪيڪ ڪاٽيا پيا وڃن

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد ڪراچي جي ٽرينٽي چرچ ۾ڪرسمس تقريب ۾ شرڪت ڪري مسيحي برادري سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيو

تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو آهي ته ڪرسمس جي ڀرپور تقريب ڏسي خوشي ٿي، اڄ مسيحي برادري لاءِ وڏو ڏينهن آهي، پاڪستان جي ترقي ۾مسيحي برادري جو اهم ڪردار آهي، ڪرسچن ڪميونٽي کي مشنري اسڪول واپس ڏياريو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔