مولانا فضل الرحمان پاران 23 مارچ تي ڪراچي کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ جو اعلان

ڪراچي : پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان 23 مارچ تي ڪراچي کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ، ڪالهه ڪراچي پهچڻ بعد مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ خصوصي طور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فصل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف پي ڊي ايم پاران 23 مارچ تي مارچ ڪيو ويندو، جيڪو ڪراچي کان اسلام آباد ويندو،

انهي مارچ ۾ ملڪ جي گهٽي گهٽي ۽ هر شهر مان ماڻهو شريڪ ٿيندا، اسين نئين عزم ۽ حوصلي سان اسلام آباد پهچنداسين، هن چيو ته فارمولا ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪندڙ پاڻ واضح ڪن ته فامولي جي پيشڪش ( آڇ )ڪنهن ڪئي؟ جنهن ڳالهه ۾ ابهام هجي، آئون اهڙي ڪا به ڳالهه ناهيان ڪندو،

هن چيو ته تازو ڪي پي ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ اسٽيبليشمينٽ جي مداخلت نه هئي ، هاڻي مداخلت نه ٿيڻ جي شروعات ٿي آهي، جيڪا سٺي ڳالهه آهي، هن چيو ته 2018ع واري اليڪشن ۾ اسٽيبليشمينٽ جي مداخلت هئي،

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔