ڊالر جي کوٽ سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو آهي: وزيراعظم

ڪراچي :وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان جي معيشت ترقي ڪري ٿي ته ڊالر جي قيمت گهٽجي ٿي، ڊالر جي کوٽ سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو آهي

لاهور ۾ وزيراعظم عمران خان اسپيشل ٽيڪنالاجي زون ٽيڪنالوجي جو افتتاح ڪيو ۽ ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هن منصوبي لاءِ 800 ايڪڙ بنجر زمين استعمال ڪئي جيڪا اسان جو مستقبل آهي، ڀارت اسان کان 150 ارب ڊالر وڌيڪ برآمد ڪري ٿو، ٽيڪنالاجي سان پاڪستان جي جي ايڪسپورٽ هڪ ارب ڊالر آهي، بدقسمتي سان اسان ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ پوئتي آهيون

هن چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زون سان خطي ۾ ترقي ٿيندي، پاڪستان آءِ ٽي انقلاب لاءِ مثالي ملڪ آهي، آءِ ٽي جي انقلاب سان اسان تيزي سان ترقي ڪنداسين ڇو ته اسان جي 22 ڪروڙ جي آبادي ۾ 60 سيڪڙو نوجوانن تي مشتمل آهي، ٽيڪنالاجي زون سان نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، جڏهن ته گهريلو عورتن کي به روزگار ملندو

وزيراعظم چيو ته اسان جي برآمدات گهٽ آهي جنهن سبب معاشي مشڪلاتون درپيش آهن، چين پنهنجي ٽيڪنالاجي ايڪسپورٽ وڌائي آهي جنهن چين کي سپر پاور بڻايو آهي

عمران خان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي معيشت ترقي ڪري ٿي ته ڊالر گهٽجي ٿو ۽ ڊالر جي کوٽ سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوي ٿو، ڪرپشن ملڪ جي پاڙن کي نقصان پهچائي ٿي ۽ معاشي ڪمزوريون پيدا ڪري ٿي، ان ڪري چين سڀ کان پهرين ڪرپشن جي خاتمي لاءِ رٿابندي ڪري ڪرپشن جو خاتمو ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔