تيار ٿي وٺو، سندرا ٻڌي وٺو، حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ وارو آھي: شهباز شريف

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته حڪمرانن جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهڻ جو وقت اچي ويو آهي

مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته عوام تيار ٿي وڃي، سندرا ٻڌي وٺي. جيڪڏھن تھ حڪمرانن مان جان نھ ڇڏائي تھ پاڪستان جو ئي خدا حافظ آھي

لاھور ۾ خطاب ڪندي شھباز شريف وڌيڪ چيو تھ حڪمرانن جو تختو اونڌو ٿيڻ وارو آھي، انھن جي گھبرائڻ جو وقت اچڻ وارو آھي

منھنجي ڳالھه تھ ڇڏي ڏيو مان ته آھيان ئي تڪڙو: شهباز شريف

شھباز شريف جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ جلدي بازي ۾ جملا چئي ڇڏيندو آھيان، يار دوست مذاق اڏائيندا آھن، مون ڪڏھن چئي ڇڏيو تھ لوڊشيڊنگ ختم نه ڪئي ته نالو بدلائي ڇڏجو

هن چيو ته جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته 20- 20ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ھوندي ھئي، نواز شريف قوم سان واعدو ڪيو هو ته هو اونداھھ ختم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس، منھنجي ڳالھھ تھ ڇڏي ڏيو آئون تھ تڪڙ ۾ جملا چئي ڇڏيندو آهيان، اڄ يار دوست مذاق ۾ ڳالھھ ڪندا آھن تھ تھ طنز بھ ڪندا آھن مون اھڙي موقعي تي چئي ڇڏيوھو تھ اسان 6 مھينن ۾ بجلي جي ڪري انڌھيرا ختم نھ ڪيا تھ منھنجو نالو بدلائي ڇڏجو، مان يقينن ٻڏتر جو شڪار نھ ھئس جادو ٽوڻن جو جو شڪار نھ ھئس.

شهباز شريف چيو ته ان کانپوءِ ڇا ٿيو، جيترا وات اوتريون زبانون، ماڻهن ڪھڙا ڪھڙا جملا چيا، ھيستائين ڳالھھ آئي تھ نالو بدلائي ڇڏيو سياست اصل ۾ عوامي خدمت جو نالو آهي، سياست عوام جا ڏک گھٽائڻ جو نالو آهي. سياست نالو آھي عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ مهانگائي ختم ڪرڻ جو.

مخالف ڌر اڳواڻ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو تھ ھاڻي انھن جي گھبرائڻ جو وقت اچڻ وارو آھي، پي ڪي ايل آءِ پاڪستان جو جان ھاپڪنز ھو عمران نيازي ھن جو جنازو ئي ڪڍي ڇڏيو، پي ڪي ايل آءِ ۾ سڄي دنيا مان ڊاڪٽر وٺي آياسين، ساڍن ٽن سالن ۾ معيشت جو جنازو نڪري چڪو آھي ، عمران نيازي ۽ حڪومت اسپتالن جو جنازو ئي ڪڍي ڇڏيو آھي

هن چيو ته 5 ڪروڙ گھر تھ پري جي ڳالھھ تھ ھڪ سر بھ نھ رکي وئي آھي. عمران نيازي جو انھيءَ سان ڪو مطلب نھ ھو تھ ھتي غريبن جو جو علاج ٿئي، عمران نيازي کي انھيءَ ڳالھھ جي تڪليف ھئي تھ تھ منصوبو نواز ليگ ٺاھيو آھي، وقت اچي ويو آھي تھ انھن جي ڳچيءَ ھجي ۽ اوھان جا ھٿ ھجن، تختين سان ڳالھھ نھ ٺھندي اوھان جو تختو اونڌو ٿيڻ وارو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔