لاڙڪاڻو بورڊ سالياني نائين درجي جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻو بورڊ سالياني نائين درجي جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا، بورڊ پاران نائين درجي جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا

جاري ڪيل نتيجن موجب ڪنٽرول بورڊ طرفان نائين ڪلاس جي سائنس گروپ ۾ 47934 شاگرد ۽ شاگردياڻين فارم ڀرياـ 7پيپرز ۾ 42346 اميدوار پاس ٿيا،6 پيپرن ۾ 633، 5 پيپرن ۾ 422، 4 پيپرن ۾ 1215، 3 پيپرن ۾ 7، 2 پيپرن ۾ 11 جڏهن ته ھڪ پيپر ۾ 210 اميدوار پاس ٿيا

1302 شاگرد ۽ شاگردياڻيون فيل ٿيون ـ 185 ڪاپي ڪيس ڪيا ويا، ھڪ شاگرد جا ڪاغذ مڪمل نه ھجڻ ڪري نتيجو روڪيو ويو

لاڙڪاڻو بورڊ پاران لاڙڪاڻو ـ قمبرشھدادڪوٽ ـ شڪارپورـ جيڪب آبادـ ڪشمور ۽ دادو ضلعي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو، نائين جنرل گروپ ۾ 1135 شاگرد پاس ۽ 49 فيل ٿيا ۽ 21 ڪاپي ڪيس ٿيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔