ملڪ ۾ سرڪاري سطح تي ڀنگ جو پهريون فصل تيار

ڪراچي : سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ڀنگ سان ٺهندڙ شيون ڊرگ کان وڌيڪ فائديمند آهن، هڪ بيان ۾ شبلي فراز چيو ته 10 ڀيرا منافعو ٿيندو ته ڊرگ ۾ گهٽتائي ايندي، ڀنگ دوائن ۾ ڪم ايندي آهي، ڀنگ جو فائبر صنعتن ۾ به ڪم ايندو آهي

هن چيو ته ڀنگ بابت تاثر آهي ته ان جو غلط استعمال ٿئي ٿو، ناڪاري ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن، اسان کي ان تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي، ڀنگ جي لائسنس جي اين او سي ڪنداسين

وفاقي وزير چيو ته ڀنگ جي پوکائي آگسٽ ۾ ڪئي هئي، هاڻي ڪپڻ جو وقت اچي ويو آهي، ڀنگ جي پوک سان ماڻهن جي فصلن ۾ ورائيٽي ايندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔