ڪراچي ۾ اوميڪرون جا وڌيڪ ڇهه شڪي ڪيس سامهون اچي ويا

ڪراچي: ڪيترن ئي ملڪن ۾ تيزي سان پکڙجندڙ ڪورونا وائرس جي نئين ويرينٽ اوميڪرون جا ڪراچي ۾ وڌيڪ 6 شڪي ڪيس سامهون اچي ويا.
صحت کاتي جي ذريعن موجب ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي نئين ويرينٽ اوميڪرون جا وڌيڪ 6 شڪي ڪيس سامهون اچي ويا آهن. سمورن ماڻهن جا نمونا نجي اسپتال پهچايا ويا آهن ۽ تصديق جي لاءِ جينوم سيڪويسنگ شروع ڪئي وئي آهي.
ان حوالي سان سنڌ جي صحت کاتي چيو آهي ته سمورن ماڻهن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي وئي آهي. 4 ڄڻا ڏکڻ آفريقا ۽ 2 برطانيه کان ڪراچي پهتا آهن. واضح رهي ته 9 ڊسمبر تي پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي نئين ويرينٽ اوميڪرون جو پهريون ڪيس سامهون آيو هو ۽ صحت کاتي(اين آءِ ايڇ) طرفان تصديق به ڪئي وئي هئي.
ڪجهه ڏينهن اڳ به هڪ ٻيو اوميڪرون جو ڪيس به رپورٽ ٿيو هو ۽ متاثر شخص اسپتال مان فرار ٿي ويو هو. جنهن کي بعد ۾ ٻيهر قرنطينه ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔