ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي، ٿڌ ۾واڌ جو امڪان

ڪراچي: موسميات کاتي ايندڙ ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي، موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز موجب اولهه وارو نظام 25 ڊسمبر تي بلوچستان مان ملڪ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، ان سسٽم تحت ڪراچي ۾ 26 ۽ 27 ڊسمبر تي هلڪي برسات جو امڪان آهي

ڊائريڪٽر موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ 28 ڊسمبر کان ٿڌ جي لهر برقرار رهندي، ان سسٽم تحت گرمي پد 9 کان 10 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهي سگهي ٿو جڏهن ته ٿڌ جي اها لهر 5 جنوري تائين جاري رهندي

موسميات کاتي موجب ڪوئيٽا، چمن ۽ خيبرپختونخواهه ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔