سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان آرزو فاطمه کي والدين حوالي ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ آرزو فاطمه ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت آرزو فاطمه کي والدين حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي والدين کي 25 هزار بانڊ جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي

عدالت آرزو فاطمه کي هر ٽن مهينن بعد لاڳاپيل ٿاڻي ۾ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو، عدالت چيو ته پوليس ڏسندي ته آرزو فاطمه آزاديءَ سان پنهنجي زندگي والدين جي گهر ۾ گذاري رهي آهي

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپيل ٿاڻي جو ايس ايڇ او آرزو فاطمه بابت هر ٽن مهينن بعد ايم آءِ ٽي کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو پابند هوندو، آرزو فاطمه کي 18 سالن جي عمر تائين هر ٽن مهينن بعد پوليس اسٽيشن ۾ پيش ڪرڻو پوندو

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آرزو فاطمه رضاڪارانه طور پنهنجي والدين جي گهر وڃڻ تي راضپو ڏيکاريو آهي، آرزو فاطمه جي والدين کيس يقين ڏياريو آهي ته هو پنهنجي مرضي سان مذهبي عبادت ڪرڻ جي خاطري ڪرائي

عدالت آرزو فاطمه کي دعويدار مڙس سان لاڳاپو نه رکڻ جي به هدايت ڪئي آهي، عدالت ۾ سندس دعويٰ ڪندڙ مڙس خلاف زنا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، علي اظهر عدالت ۾ آرزو فاطمه سان شادي جي دعويٰ ڪئي هئي

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي 18 سالن کان گهٽ عمر جي شادي تي پابندي آهي، هي طئي ٿي چڪو آهي ته آرزو فاطمه جي عمر 18 سالن کان گهٽ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔