نواز شريف پاران ڪي پي چونڊن ۾ ڪاميابيءَ تي مولانا فضل الرحمان کي مبارڪون

ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ مومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ سوشل ميڊيا تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي

خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ هيل تائين حاصل ڪيل نتيجن موجب جميعت علماءِ اسلام (ف) سڀ کان وڌيڪ 17 سيٽون حاصل ڪيون آهن جڏهن ته ن ليگ 2 سيٽون حاصل ڪري سگهي

ٽوئيٽر تي نواز شريف لکيو ته خيبرپختونخواهه جي مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ شاندار ڪاميابي تي مولانا فضل الرحمان ۽ سندس ساٿين کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو

اڳوڻي وزيراعظم جي ٽوئيٽ تي مولانا فضل الرحمان به نواز شريف جو شڪريو ادا ڪيو

فضل الرحمان لکيو ته اسان جي گڏيل جدوجهد جمهوريت جي مڪمل بحالي، عوام جي ووٽ جي حق جي حاصلات، سليڪٽڊ حڪومت جي خاتمي ۽ پاڪستان کي ٻيهر پائيدار مستقبل جي راهه تي آڻڻ تائين گڏيل جدوجهد جاري رهندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔