پ پ پنهنجي منشور ۾ ڪڏهن ڪوڙا واعدا ناهن ڪيا، مهانگائي سبب ملڪ جون حالتون خراب آهن: آصف زرداري

نوابشاهه: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به ڪوڙا واعدا ناهن ڪيا، اسان کي انجنيئرڊ اليڪشن ۾ ڦاسائي پنهنجن کي کٽرايو ويو.
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري زرداري هائوس نوابشاهه ۾ پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته اسان خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم رکيو. جڏهن مان خيبرپختونخواهه جو نالو ورتو ته مون سميت سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، اسان هميشه ٻين کان ٻيڻو ڪم ڪيو، اهو زندگي جو سفر آهي. ان ۾ اپ ۽ ڊائون هلندو رهندو آهي.
آصف علي زرداري چيو ته مون هڪ عيد جيل ۾ گذاري، اهو ٿيندو رهندو آهي، اهو پيپلن جو سرمايو آهي، اسان کي هن سفر دوران جدوجهد ۾ رهڻو آهي. اوهان ڏٺو آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي منشور ۾ ڪڏهن به ڪوڙا واعدا ناهن ڪيا. هنن کي پهرين ڏينهن کان چئي رهيو آهيان ته اوهان ڪم هلائي ڏيکاريو، پاڪستان ۾ غربت آهي، عوام جون حالتون خراب آهن، اسان جي دور ۾ ڇا هو هاڻ ڇا آهي، اهو فرق صاف ظاهر آهي.
اڳوڻي صدر وڌيڪ چيو ته اسان جي دور ۾ هر شيءَ جا اگهه هوندا هئا هاڻ ڇا آهي، اهو ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي. اڳيان ٻيو مرحلو ڪيئن طئي ڪيو وڃي، اڳيان ڪيئن وڌجي ۽ ملڪ کي ڪيئن هلايو وڃي هاڻ اهو ڏسڻ جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔