خيرپور ناٿن شاھ ڀرسان نوجوان تشدد بعد ڪوٺي تان هيٺ اڇلائي قتل

لاڙڪاڻو: خيرپور ناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ مراد چانڊيو ۾ جوابدارن نوجوان تي تشدد ڪري ڪوٺي تان هيٺ اڇلائي قتل ڪري ڇڏيو

و ڳوٺ مراد خان چانڊيو ۾ جوابدارن منٺار ٻٻر، لياقت ٻٻر، صدر ٻٻر ۽ ٻين نوجوان احمد علي ٻٻر تي تشدد ڪرڻ کانپوءِ ڪوٺي جي ڇت تان هيٺ اڇلايو، جنهن سبب نوجوان سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن پاران ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا آندو ويو

ڊاڪٽرن پاران نوجوان احمد علي ٻٻر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، ان موقعي تي مقتول جي مامي نياز ٻٻر ٻڌايو ته جوابدارن منٺار لياقت صدر ٻٻر ۽ ٻين معمولي ڳالھ تان ڀاڻيجي سان دشمني ڪئي ۽ ان کانپوءِ ڀاڻيجي کي کڻي وڃي سڄي رات تشدد ڪرڻ کانپوءِ گهر جي ڇت تان هيٺ اڇلائي قتل ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔