ڪراچي ۾ گئس بحران: تحريڪ انصاف جي ايم پي اي وزيراعظم ۽ حماد اظهر کي خط لکي ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي ۾ گئس بحران بي قابو ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جا ايم پي اي مايوسي جو شڪار ٿي ويا. تحريڪ انصاف جي ايم پي اي وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي وزير حماد اظهر کي آگاهي خط لکي ڇڏيو آهي.
تحريڪ انصاف جي ايم پي اي راجا اظهر طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي خاص طور تي منهنجي پوري تڪ 97 ۾ گئس بحران وڌندو پيو وڃي. گئس بحران تي شهري سوئي گئس ۽ وفاقي حڪومت جي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، صورتحال تحريڪ انصاف جي هٿن مان نڪري رهي آهي جيڪا مڪاني چونڊن ۾ نقصان پهچائيندي. وزيراعظم، توانائي وارو وزير گئس بحران جو نوٽيس وٺن. ڪراچي جي عوام تحريڪ انصاف کي مينڊيٽ ڏنو آهي انهن کي مايوس نه ڪيو وڃي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر آفتاب صديقي طرفان ملڪ ۾ گئس بحران تي لکيل خط ۾ وفاقي وزير حماد اظهر جي رويي کي انتهائي شرمناڪ قرار ڏنو آهي. آفتاب صديقي خط ۾ لکيو آهي ته منهنجي تڪ اين اي 247 ڪراچي ۾ گئس جي سپلائي نه پئي اچي. آڪتوبر کان گئس جو اشو هلي رهيو آهي. اوهان کي ڪيترائي ڀيرا ميسيج به ڪيا پر اوهان طرفان ڪوبه جواب ناهي ڏنو ويو اوهان جو اهو رويو انتهائي شرمناڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔