مڪاني چونڊن ۾ شڪست: وزيراعظم ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي طلب ڪري ورتو

پشاور: خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن ۾ شڪست تي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان کي طلب ڪري ورتو آهي.
رپورٽ موجب وڏي وزير محمود خان جي هدايت تي مڪاني چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي شڪست جي سببن تي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته تحريڪ انصاف جي شڪست جو بنيادي سبب مهانگائي کان علاوه وڏا اندروني اختلاف هئا. ڪجهه اسيمبلي ميمبرن طرفان تحريڪ انصاف جي نامزد اميدوارن کي سپورٽ ئي نه ڪيو ويو.
تحريڪ انصاف جي ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان کي رپورٽ پيش ڪرڻ کان اڳ وڏي وزير محمود خان جي ويجهن صوبائي وزيرن سان صلاح مشورا جاري آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته مخالف اميدوارن کي سپورٽ ڪرڻ تي ٻن قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ چئن صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان کي طلب ڪري ورتو آهي. وڏو وزير مڪاني چونڊن جي نتيجن تي وزيراعظم کي بريف ڪندو. ٽڪيٽن جي ورهاست جي حوالي سان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويندو. وزيراعظم ايندڙ مرحلي جي حڪمت عملي جي لاءِ گائيڊ لائنز ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔