راولپنڊي ۾ شادي جي تقريب دوران فائرنگ: يوسي جو وائيس چيئرمين مارجي ويو

راولپنڊي: راولپنڊي جي علائقي پير ودهائي ۾ شادي جي تقريب دوران هوائي فائرنگ سبب يوسي 9 جو وائيس چيئرمين مارجي ويو.
سي پي او ساجد ڪياني هوائي فائرنگ واقعي تي ايس ايڇ او پير ودهائي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل رات ضياءُالحق ڪالوني ۾ ظهور جي شادي جي تقريب دوران هوائي فائرنگ ڪئي وئي. جنهن سبب هڪ گولي يونين ڪائونسل جي وائيس چيئرمين محمد نعيم خان کي لڳي جنهن کي سخت زخمي حالت ۾ هولي فيملي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو علاج دوران فوت ٿي ويو.
پوليس گهوٽ جي خلاف ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري شروع ڪري ڏني آهي. پوليس ترجمان موجب سي پي او ساجد ڪياني فائرنگ جو نوٽيس وٺندي پير ودهائي ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.
سي پي او ايس پي راول ڊويزن کي جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔