27 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ حڪومت ستاويهه ڊسمبر تي سڄي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 27 ڊسمبر تي صوبائي حڪومت جي ماتحت سموريون آفيسون بند رهنديون.
ياد رهي ته 27 ڊسمبر 2007 ۾ پ پيپلز پارٽي جي قائد شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي راولپنڊي ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ڪيو ويو هو ۽ هر سال 27 ڊسمبر تي ان جي ورسي ملهائي ويندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔