روڊ، فُٽ پاٿ ۽ اسڪول سوڌو ڪنهن کي به نه ڇڏيو اٿئو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته روڊ، فُٽ پاٿ ۽ اسڪول سوڌو ڪنهن کي به نه ڇڏيو اٿئو، سڀني تي قبضا ٿي ويا، نسله ٽاور وارن وٽ به ليز ۽ دستاويز هئا، غير قانوني اڏاتن جي اجازت نه ڏبي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ انڊا موڙ جي رستي کي گهرن ۾ شامل ڪرڻ بابت ڪيس تي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اسان وٽ ليز ۽ دستاويز آهن،  گهرن کي ڪيئن مسمار ڪري سگهجي ٿو؟ گهر ڊاهڻ کان پهرين متبادل جاءِ ڏني وڃي

جسٽس ظفر احمد راجپوت درخواستگذار کي چيو ته عدالت جو حڪم آهي ته متبادل جاءِ ڏئي روڊ خالي ڪريو، روڊ جي جاءِ تي روڊ ئي ٺهندو، هڪ سئو 50 فوٽ روڊ تي قبضو ڪيو ويو، توهان جي درخواست ٻڌڻي جوڳي ڪئين ٿي سگهي ٿي

وڪيل چيو ته جڏهن ليز ٿي هئي ته ان وقت روڊ موجود نه هو، صرف ٽن ڏينهن جو نوٽيس ڏنو ويو آهي آهي، عدالت چيو ته توهان جي درخواست تي اڄ ئي فيصلو ڪنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔