گم ٿيل ٻارڙا ڪٿي آهن؟ پوليس ڇا ڪري رهي آهي؟: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ لاپتا ٻارڙن کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي پوليس کان پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل ٻارڙا ڪٿي آهن؟ پوليس ڇا ڪري رهي آهي، ٻارڙا ڇو بازياب نه ٿي سگهيا

پوليس عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل صائمه بابت جي آءِ ٽي ٺاهي آهي، جي آءِ ٽي موجب صائمه پسند جي شادي ڪئي آهي، جڏهن ته گم ٿيل ٻين ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ڪارروائي جاري آهي

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته لاپتا ٻارڙن جي بازيابي لاءِ جلد کان جلد قدم کنيا وڃن، ڪافي سالن کان ٻارڙا گُم آهن، هو ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهن ڪنهن کي ڪا خبر ئي ناهي

درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته گذريل ڏينهن بلوچستان مان هڪ ٻارڙن سان ڀريل ڪنٽينر پڪڙيو ويو آهي، ان ڪنٽينر ۾ ٻارڙن کي ملڪ کان ٻاهر اسمگلنگ ڪيو پيو وڃي، زينب الرٽ بل تي به عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي

عدالت لاپتا ٻارڙن کي بازيابي بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 19 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔