اليڪشن ڪميشن اعظم سواتي ۽ فواد چوڌري جي معافي قبول ڪري ورتي، محتاط رهڻ جي هدايت

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير اعظم سواتي ۽ فواد چوڌري جي معافي قبول ڪري ورتي، اليڪشن ڪميشن ۾ اعظم سواتي جا الڪيشن ڪميشن تي الزامن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ وفاقي وزير اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيا

ڪميشن جي ميمبر ريلوي واري وزير کان سوال ڪيو ته اعظم سواتي صاحب توهان مصروف ماڻهو آهيو پيش ڇو نٿا ٿيو، توهان تي وڌيڪ ذميواري آهي

اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر چيو ته سمورا ادارا اوهان جا آهن، انهن کي خراب چوڻ درست ناهي، ان تي اعظم سواتي چيو ته اليڪشن ڪميشن کي خود مختيار بڻائڻ لاءِ هميشه آواز اٿاريو آهي

بعد ۾ اليڪشن ڪميشن اعظم سواتي جي معافي قبول ڪندي کيس تنبيهه ڪئي ته اڳتي توهان ۽ فواد چوڌري محتاط رهو

واضح رهي ته ريلوي واري وزير اعظم سواتي ۽ سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن تي الزام هنيا هئا جنهن بعد اليڪشن ڪميشن ٻنهي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا هئا، هن کان اڳ فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن کان غير مشروط معافي گهري هئي، جيڪا ٻنهي جي قبول ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔