اسلام آباد: تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال تي وفاق ۽ سنڌ سرڪار آمهون سامهون

اسلام آباد : پنجاب جي 20 لک ايڪڙ بنجر زمين آباد ڪرڻ لاءِ تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال تي وفاق ۽ سنڌ سرڪار آمهون سامهون اچي ويا

اسلام آباد ۾ ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين جي صدارت هيٺ ايڪنڪ جي اجلاس ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ نثار کهڙو وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي

 اجلاس ۾ مخالفت باوجود تڪراري منصوبي تي غور شروع ڪرڻ خلاف سنڌ جي نمائندن احتجاج ڪيو، جنهن تي تڪراري منصوبو سي ڊي ڊبليو پي ڏانهن اُماڻن جو فيصلو  ڪيو ويو

ايڪنڪ منصوبي تي سنڌ جا اعتراض ٻڌڻ لاءِ ايندڙ هفتي اجلاس طلب ڪرڻ جو به فيصلو ڪري ورتو ۽ ايڪنڪ سنڌ حڪومت جي احتجاج بعد گريٽر ٿل ڪئنال جي فيز 2 جي منظوري به ملتوي ڪري ڇڏي

آبپاشي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته وفاقي سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال جي منصوبي جي منظوري ڏيڻ وڃي رهي آهي جيڪا قبول نه ڪبي

هن چيو ته ايڪنيڪ جي گذريل اجلاس ۾ منصوبي جي جائزي لاءِ وزارتي ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ٿيو هو، سنڌ اسيمبلي مان منصوبي خلاف يڪراءِ ٺهراءُ منظور ٿيو هو، اُن باوجود وفاق طرفان تڪراري منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔