ڀارت جو پنجاب سيڪٽر ۾ ايس 400 روسي ميزائل دفاعي نظام لڳائڻ جو فيصلو

پاڪستان ۽ چين جي خطرن جو بھانو بڻائي ڀارت پنجاب سيڪٽر ۾ روسي ساخته ميزائل دفاعي نظام ايس 400 نصب ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب روس ڀارت کي ايس 400 ميزائل دفاعي نظام جي فراهمي شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ دفاعي نظام جي پهرين اسڪواڊرن جي فراهمي هلندڙ مهيني مڪمل ٿي ويندي

رپورٽن موجب ڀارتي هوائي فوج طرفان ايس 400 ميزائل دفاعي نظام جو پهريون اسڪواڊرن پنجاب سيڪٽر ۾ لڳايو پيو وڃي جيڪو ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ آپريشنل ٿي ويندو

ميڊيا رپورٽن موجب ميزائل دفاعي نظام جو پهريون اسڪواڊرن سمنڊ ۽ فضائي رستي پهچايو پيو وڃي، جنهن کي لاڳاپيل هنڌ تي تيزيسان لڳايو ويندو

ياد رهي ته روسي صدر ولادي مير پيوٽن تازو ئي ڀارت پهتو هو جتي هن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته ڀارت کي روسي ميزائل سسٽم ايس 400 جي فراهمي هن مهيني شروع ٿي وئي آهي جيڪا هاڻي به جاري آهي

ياد رهي ته آمريڪي دٻاءُ باوجود ڀارت 2018ع ۾ روس سان پنج دفاعي ميزائل سسٽم خريد ڪرڻ لاءِ 5.5 ارب ڊالرن جو معاهدو ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔