مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست معمولي ناهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪي پي جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي مليل شڪست معمولي نه آهي، ڪي پي ۾ حڪومت ۽ پوليس پي ٽي آءِ جي آهي، چونڊن کان 2  ڏينهن اڳ ڌانڌلي شروع ڪئي وئي هئي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته هاڻي ووٽ چوري ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو، عوام حڪمرانن جي تباهي آڻيندڙ پاليسي کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي

ليگي اڳواڻ چيو ته هن حڪومت جي وزيرن جا بيان هڪ ٻئي سان نه ٿا ملن، عوام صبر ڪري رهيو آهي، ملڪ ۾ ايماندار ماڻهن جي کوٽ آهي

هن چيو ته توانائي واري وزير ٻڌائي ته هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بجلي جي پيداوار ۾ڪيترو فرق آهي، توانائي واري وزير جو چوڻ آهي ته بجلي پيدا ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي، پاڪستان جي پيداوار 448 يونٽ آهي جڏهن ته ڀارت ۾ 1200 يونٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، ملڪ ۾ هاڻي بجلي آهي نه ئي گيس

هن وڌيڪ چيو ته توانائي جي شعبي ۾ ڪرپشن ئي ڪرپشن آهي، ملڪ ۾ هر شيءِ بند ٿي رهي آهي، آئل ريفائنري بند ٿي چڪي، نيب چيئرمين خاموش ويٺو آهي، ڊيلي ويجز نيب چيئرمين هاڻي منٿن تي اچي ويو آهي، نيب چيئرمين جي ڪرسين تي ويهڻ جي عادت ناهي وئي، نيب چيئرمين جو به جلد احتساب ٿيندو

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔