پاڪستان اسان جي ابن ڏاڏن جي عظيم قربانين جو ثمر آهي: ڊي جي رينجرز

ڪراچي: ڊي جي رينجرز (سنڌ) ميجر جنرل افتخار حسن چوڌري چيو آهي ته پاڪستان اسان جي ابن ڏاڏن جي عظيم قربانين جو ثمر آهي، پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام ۾ نوجوان نسل جو ڪردار تمام اهم آهي

ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو آهي ته پاڪستاني نوجوانن ۾ خدا جي طرفان ڏنل صلاحيتون آهن ۽ اهي پاڪستان کي درپيش چيلنجز کان چڱي ريت واقف آهن، اسان کي جديد دور جي تقاضائن مطابق ترقيءَ جو سفر طئي ڪرڻو پوندو

هن چيو آهي ته رينجرز جوانن سان گڏ بيٺل آهي ۽ هن تقريب ۾ شرڪت به هن عزم جو عڪاس آهي،

 تقريب جي پڄاڻي تي ڊي جي رينجرز ۽ جاويد جبار تقريري مقابلن ۾ فاتح ۽ رنر اپ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام پڻ ورهايا ۽ نوجوانن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد ڪرڻ تي منتظمين کي مبارڪباد پڻ ڏني

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔