مني لانڊرنگ ڪيس: ايف آءِ اي شهباز، حمزه ۽ سلمان جي 45 اڪائونٽن جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا

لاهور: شهباز شريف جي خاندان خلاف 16 ارب روپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ سلمان شهباز جي 45 اڪائونٽن جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا.
ايف آءِ اي موجب بي نامي اڪائونٽس جي ذريعي شهباز خاندان جي اڪائونٽس ۾ 16 ارب 34 ڪروڙ روپيه جمع ٿيا. الزام ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي 7 سال قيد، ڏنڊ ۽ ملڪيت ضبطگي جي سزا ٿي سگهي ٿي.
ايف آءِ اي اختيارين موجب شهباز شريف، حمزه شهباز، سلمان شهباز کي ڪيترائي موقعا ڏنا ويا. سمورا جوابدار الزامن بابت جاچ ٽيم کي مطمئن نه ڪري سگهيا. شهباز شريف خاندان جي 45 اڪائونٽس ۾ مني لانڊرنگ جي رقم جمع ڪئي وئي. ايف آءِ اي جي دستاويزن موجب شهبازشريف جي نالي تي 14 بينڪ اڪائونٽس رجسٽرڊ آهن.
شهباز شريف جي نالي تي 2008 کان 2018 تائين هڪ ئي برانچ ۾ 10 اڪائونٽ کوليا ويا. حمزه شهباز جي نالي تي 13 بينڪ اڪائونٽس کوليا ويا. حمزه شهباز جي نالي تي 2005 کان 2018 جي دوران بينڪ اڪائونٽس کوليا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔