اعتراف ڪيان ٿو ته زراعت ۾ مسئلا آهن، تمام جلد حل ڪيا ويندا: منظور وساڻ

ٽنڊو ڄام : زراعت کاتي واري صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته جڏهن اسان هتي احتجاج ڪيو هو تڏهن ضيا جي حڪومت هئي، اڄ آئون هتي وزير جي حيثيت سان آيو آهيان، سنڌ جي جي ڊي پي 21 سيڪڙو سنڌ سان آهي، زراعت جو سيڪٽر مظبوط هوندو ته اسان فائدا حاصل ڪري سگهون ٿا

ٽنڊو ڄام ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو آهي ته پاڻي بچائڻ لاءِ پيپلزپارٽي واٽر ڪورس پڪا ڪرڻ جي ترجيح ڏني، 114 بلوڊوزر هلن نٿا، انهن کي کپائي نوان خريد ڪيا ويندا، باقي جيڪي ڪجهه هلن پيا انهن جي به مرمت ڪرائبي

هن چيو آهي ته اسان اڳئي سنڌو درياهه جي ٽيل تي آهيون، پاڻي جو مسئلو ٿئي ٿو، مسئلا حل ڪرڻ پيپلزپارٽي جي ترجيح آهي، چار اهم فصل سنڌ ۾ پوڪجن ٿا، سنڌ هر لحاظ کان اڳتي آهي، پيپلزپارٽي جي ترجيح آهي ته زراعت سيڪٽر کي مظبوط ڪيو پر آئون اعتراف ڪيان ٿو زراعت ۾ مسئلا آهن جن کي تمام جلد حل ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔