پي ٽي آءِ ڪمزور ٿي ته ملڪ بگهڙن جي هٿن ۾ هليو ويندو: فواد چوڌري

اسلام آبا: سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هن سال رڳو پرڏيهي قرضن جي ادائيگي 12.27 ارب ڊالر آهي ۽ تقريبن 12.5 ڊالر جي ادائيگي  2023 ۾ ڪرڻي آهي

پنهنجي ٽويٽ بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پنجن سالن ۾ مجموعي طور تي قرضن جي ادائيگي 55 ارب ڊالر هوندي، جڏهن ته ن ليگ 5 سالن ۾ 27 ارب ڊالر ادائيگيون ڪيون

راڻا عمران سليم جي ٽوئيٽ تي فواد حسين جو جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن جي يو آءِ جهڙيون انتهاپسند پارٽيون پي ٽي آءِ جو متبادل آهن ته پوءِ توهان صحيح ٿا چئو

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي هن صورتحال ۾ پنهنجا ذاتي اختلاف هڪ طرف رکي عمران خان جي قيادت ۾ پاڻ کي منظم ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ ڪمزور ٿي ته ملڪ بگهڙن جي هٿن ۾ هليو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔