شبلي فراز ڪي پي جي مڪاني چونڊن ۾ شڪست قبول ڪري ورتي

اسلام آباد: وفاقي وزير شبلي فراز ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ شڪست قبول ڪري ورتي آهي, سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پي ٽي آءِ ان ڪري هارائي جو پي ٽي آءِ جو مقابلو پي ٽي آءِ سان هو، نه ته 14 ضلعن ۾ ڪامياب ٿي سگهون پيا

هن چيو ته هو بلدياتي چونڊن ۾ ڪارڪنن کي متحرڪ نه ڪري سگهيا، هاڻي هو ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪندا ۽ پارٽي ڊسيپلين قائم ڪندا

ٻئي طرف محنت واري صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي مڪاني چونڊن ۾ شڪست جو سبب مهانگائي کي قرار ڏنو آهي

هن چيو ته اسان سٺا اميدوار بيهاريا پر اهي به مهانگائي سبب هارائي ويا پر مٿن ايزي لوڊ يا ڪرپشن جو ڪو به الزام ناهي لڳايو ويو

صوبائي وزير چيو ته غلطين ۽ خامين کي ڏور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ٻئي مرحلي ۾ نتيجا پهرين مرحلي کان مختلف هوندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔