بنون:ڪونسلر جي سيٽ تي خانه بدوش عورت ميدان ماري ورتو

خيبرپختونخواهه جي مڪاني ادارن جي چونڊن دوران لوئر مهمند ۾ سَسَ۽ نُنهن جي چونڊ دنگل ۾ دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي

بنون ۾ عورت ڪائونسلر جي سيٽ تي خانه بدوش (لاڏائو) شمشاد بيگم ميدان ماري وتو

ٻئي طرف غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب دنيا بي بي جي نُنهنَ رابعه بي بي کي اليڪشن ۾ شڪست ملي، جنهن سان هوءَ جماعت اسلامي جي اميدوار کان هارائي وئي

جڏهن ته عورتن جي سيٽ تي رابعه جي سَسَ دنيا بي بي ۽ مخالف اميدوار جا ووٽ برابر نڪتا، جنهن کانپوءِ ٻنهي اميدوارن جي فتح جو فيصلو ٽاس تي ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔