هُنن کي چئي ڇڏيو ته پهريان هِن جي ڇُٽي ڪرايو پوءِ اسان سان ڳالهايو: آصف زرداري

نواب شاهه (ن پ ا) اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته پهرئين ڏينهن کان چيو هو ته نيب هلندي يا سياست، اسان جي دور ۾ ملڪي قرض 30 ارب هو، هاڻي قرض وڌي 60 ارب ٿي ويو

نواب شاهه ۾ ورڪرز کي خطاب ڪندي هن چيو آهي ته اسان قربانيون ڏئي سياست سان رشتو ڳنڍيو آهي، مون کي ايندڙ نسلن لاءِ سوچڻو آهي، ڏسڻو آهي ته ايندڙ 15 سالن ۾ ڇا ٿيندو

هن چيو ته مون کي سپر پاور چيو هو ته توکي سڀني کان مضبوط صدر بڻايو آهي، مان ٽن مهينن کانپوءِ سڀئي پاور پارليامينٽ کي ڏئي ڇڏيا هئا، پاڪستان جي مسئلن کان اسان واقف آهيون

هن چيو آهي ته پيپلز پارٽي نوڪريون ڏنيون آهن، بي بي چوندي هئي ته چولها ٻارينديس وسائينديس نه

هن چيو ته هو فرمائن ٿا ته ڪوئي طريقو ٺاهيو ڪوئي فارمولا ٻڌايو، مان چيم ته توهان جي ئي فارمولي ملڪ کي تباهه ڪيو آهي ۽ مان به چئي ڇڏيو آهي ته پهريان هن جي ڇُٽي ڪرايو وءِ اسان سان ڳالهايو، هن جي ڇُٽي ڪرڻ کانپوءِ اسان پاڪستان کي سنڀالينداسين ۽ اسان پاڪستان کي سنڀالي سگهون ٿا

هن چيو آهي ته جڏهن به ڪا مصيبت آئي ته پ پ سنڀاليو آهي، مشرف جي دور ۾ اٽو نه هو، کنڊ ٻاهر کان وٺڻي پئي، اسان هڪ سال ۾ پاڪستان کي خود مختيار بڻائي ڇڏيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔