ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين سينيٽ جو ميمبر چونڊجي ويو

ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين خيبرپختونخواهه مان سينيٽ جو ميمبر چونڊجي ويو آهي، چونڊن لاءِ پولنگ صوبائي اسيمبلي جي پراڻي هال ۾ ٿي، جيڪا شام 4 وڳي تائين جاري رهي

ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين 87 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو، ڪي پي ڪي جي صحت واري وزير تيمور جهڳڙا موجب سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ لاءِ پولنگ ۾ 4 ووٽ رد ٿيا ۽ 5 ميمبر بنا سبب ووٽ ڪاسٽ نه ڪري سگهيا

پي ٽي آءِ ايوب آفريدي سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏني هئي، جنهن جي خالي ٿيل سيٽ تي شوڪت ترين کي ٽڪيٽ ڏني وئي هئي، جڏهن ته ناڻي واري صلاحڪار جي مقابلي ۾ اي اين پي جو شوڪت اميرزادو، پ پ جو محمد سعيد ۽ جي يو آءِ ف جو ظاهر شاهه بيٺل هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔