جيترا ڪم پ پ حڪومتي دور ۾ ٿيا، ڪنهن ٻي حڪومت ۾ نه ٿيا: ناصر شاهه

ڪراچي: صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ سنڌ سرڪار تي تنقيد ٿيندي آهي ته اسان ڇا ڪيو آهي، جيترا ڪم پيپلزپارٽي جي حڪومت دوران ٿيا ايترا ٻئي ڪنهن به حڪومت دوران ناهن ٿيا

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته ڪراچي، ڄم ۽ فوتي سرٽيفڪيٽن لاءِ يوسين سان نادرا کي ڳنڍيو ويو آ هي، مڪاني کاتي جون ميگا رٿائون ڪراچي ۾ آهن، باقي اي ڊي پي ۾ لاڙڪاڻي، سکر ۾ ميرپورخاص حيدرآباد ۾ آهن

هن چيو آهي ته شاهراهه فيصل روڊ کي ويڪرو ڪيو ويو آهي، پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ شهر اندر تمام گهڻا انڊر پاس ٺهيا آهن، ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشنن جي ڪڏهن به مرمت نه ٿي هئي اسان نئين مشينري ڏني

ناصر شاهه چيو آهي ته ايل ڊي اي ۽ ايم ڊي اي ۾ تمام گهڻا مسئلا هئا، اتي به پاڻي، گيس بجلي پهچائي آهي ۽ گرد اسٽيشن به ٺاهي رهيا آهيون

هن چيو آهي ته قبرستان لاءِ شهر خاموشان جي نالي اٿارٽي قائم ڪئي آهي جنهن تحت هر ضلعي ۾ وڏي قبرستان لاءِ زمين ڏني ويندي، حيدرآباد ۾ واسا کي بهتر ڪيو آهي، لاڙڪاڻي سکر جي خوبصورتي لاءِ اسڪيمون جاري ڪيون

هن چيو ته نئين مڪاني قانون تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، هي قانون سسٽم جي بهتري لاءِ آهي، هي قانون 2013ع جي قانون کان ڪافي بهتر آهي، اسان دل سان چاهيون ٿا ته مڪاني نمائندن کي بااختيار بڻايون، هي بل آسماني صحيفو ناهي ان ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي

ناصر شاهه چيو ته ڇا ٻين صوبن ۾ ميئر کي وڏي وزيرن جا اختيار مليل آهن؟، ڪي پي ۾ هڪ  ۽ پنجاب ۾ ٻيو قانون آهي، پنجاب ۾ ڪابينا کان منظوري وٺي آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي ان تي ڪير به نه ٿو ڪُڇي متحده، پي ٽي آئي ،جماعت اسلامي، پي ايس پي، جي ڊي اي سميت سمورين ڌرين سان مشاورت ڪيون پيا، الزام آهي ته ڪنهن سان به مشاورت نه ڪئي وئي جيڪو درست نه آهي، هن قانون ۾ مخالف ڌر جون ترميمون به شامل ڪيون ويون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔