ڪي پي جي خالي سينيٽ جي سيٽ تي اليڪشن، شوڪت ترين مضبوط اميدوار

ڪراچي: خيبرپختونخواهه مان سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي چونڊ اڄ ٿي رهي آهي، چونڊن لاءِ پولنگ صوبائي اسيمبلي جي پراڻي هال ۾ ٿي رهي آهي، جيڪا صبح 9 وڳي شروع ٿيندي جيڪا شام 4 وڳي تائين جاري رهندي

پي ٽي آءِ ايوب آفريدي کان سينيٽ تان استعيفيٰ ڏياري شوڪت ترين کي ٽڪيٽ ڏني هئي، جڏهن ته ناڻي واري صلاحڪار جي مقابلي ۾ اي اين پي جو شوڪت اميرزادو، پ پ جو محمد سعيد ۽ جي يو آءِ ف جو ظاهر شاهه وچ ۾ مقابلو آهي

145 رڪني صوبائي اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ 94، جي يو آءِ ف 15، اي اين پي 12، مسلم ليگ ن 7، پيپلز پارٽي 5، بلوچستان عوامي پارٽي 4، جماعت اسلامي 3 ۽ مسلم ليگ (ق) جي اميدوارن جو انگ 3 آهي، جڏهن ته آزاد ميمبرن جو تعداد 4 آهي

سينيٽر چونڊجڻ لاءِ اميدوار کي 145 ميمبرن مان 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ گهرجن

  • TAG

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔