سپريم ڪورٽ جو وفاقي ادارن مان برطرف ٿيل 16 هزار کان وڌيڪ ملازمن لاءِ وڏو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جو وفاقي ادارن مان برطرف ٿيل 16 هزار کان وڌيڪ ملازمن لاءِ وڏو فيصلو، سپريم ڪورٽ برطرف ملازمن جي ڪيس ۾ حڪومتي تجويزون منظور ڪري ورتيون، وفاقي سرڪار ۽ برطرف ملازمن جي اپيلن تي محفوظ ڪيل فيصلو جاري، هڪ کان 7 گريڊ جا ملازم آئين جي آرٽيڪل 184 جي شق 3 تحت بحال ٿي ويا

8 کان 17هين گريڊ جي ملازمن جي بحالي ٽيسٽ سان مشروط ڪئي وئي آھي، عدالت مختصر فيصلي ۾ چيو آهي ته 1996ع کان 1999ع تائين ڀرتي ٿيل ملازمن ٽيسٽ نه ڏني هئي ته کين ٽيسٽ ڏيڻي پوندي، امتحان ڏئي ڀرتي ٿيل ملازمن کان ٻيهر ٽيسٽ نه ورتي ويندي، سپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻي تي ويٺل برطرف ملازمن ۽ سندن وڪيلن طرفان عدالتي فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪيو ويو

سپريم ڪورٽ 4-هڪ جي تناسب سان جاري ڪيل فيصلي ۾ سيڪڊ ايمپلائيز ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو برقرار رکندي برطرف ملازمن جون اپيلون خارج ڪري ڇڏيون آھن، جسٽس منصور علي شاهه اپيلون رد ڪرڻ واري فيصلي سان اختلاف ڪندي چيو آهي ته پارلياماني ۽ جمهوري نظام ۾ پارليامينٽ سُپريم آهي

منصور علي شاھ چيو تھ پارليامينٽ کي گهٽ ڏيکارڻ جمهوريت کي گهٽ ڏيکارڻ برابر آهي، ايڪٽ آف پارليامينٽ جي شق چار آئين سان ٽڪراءُ ۾ اچي ٿي، آئين سان ٽڪراءُ ۾ ايندڙ سيڪشن چار ۽ 10 جو به جائزو وٺنو هوندو، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته برطرف ملازمن جون اپيلون رد ٿيڻ جا ڪارڻ تفصيلي فيصلي ۾ ٻڌايا ويندا

سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آھي تھ 1996 کان 1999 تائين برطرف ٿيل سرڪاري ملازمن کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، جڏھن تھ مس ڪنڊڪٽ ۽ ڪرپشن تي ڪڍيل ملازم بحال نھ ٿيندا، ملازمن کي ان ئي تاريخ تان بحال ڪيو ويو آھي جڏھن کان انھن کي ڪڍيو ويو ھو

فيصلي بعد سپريم ڪورٽ ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي سرڪاري ملازمن جي وڪيل جو چوڻ ھو تھ عدلتي فيصلي کي ھڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو تھ معزز عدالت سرڪاري ملزمن کي ان ئي تاريخ تان بحال ڪرڻ جو چيو آھي، جنھن تان انھن کي برطرف ڪيو ويو ھو

سرڪاري ملازمن جي وڪيل جو چوڻ ھو تھ عدالت 16 ھزار ملازمن کي بحال ڪري ھڪ وڏو انساني الميو ٿيڻ کان بچايو آھي، ھي انھن سڀني ماڻھن جي ڪاميابي آھي جن ھن ڏکي وقت ۾ صبر ۽ ھمت کان ڪم ورتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔