شهباز شريف ۽ سندس پُٽ حمزه شهباز ميگا مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ ملوث قرار

اسلام آباد : اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ سندس پُٽ حمزه شهباز ميگا مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ ملوث قرار ڏنو ويو آھي، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عدالت ۾ روزانو ٻڌڻي ٿئي ته نواز شريف جيان شهباز شريف به سزا کان نه بچي سگهندو، عدالتن ۾ مني لانڊرنگ جهڙن ڪيسز تي روزانو ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي

اسلام آباد ۾ وفاقي وزير شيخ رشيد ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس دوران پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن بابت جائزو ورتو ويو

خواجه آصف وزيراعظم تي شوڪت خانم اسپتال جي پئسن ۾ گهوٻين جو الزام هنيو هو، وزيراعظم وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرايو، اُميد ته هرجاڻي جي نوٽيس تي جلد فيصلو ايندو ۽ خواجه آصف کي ناڪامي نصيب ٿيندي، حڪومت طرفان جڙيل هاءِ پاور ڪميٽي پنجاب جي ميئرز لاءِ اُميدوارن جا نالا فائنل ڪندي، اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ پئسي جو استعمال روڪڻ لاءِ قدم کڻي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔