سنڌ ۾ موڪلون 20 ڊسمبر کان ٿينديون، اين سي او سي جو فيصلو مڃڻ کان انڪار

ڪراچي: موڪلن بابت شاگردن جو مونجهارو ختم ٿي ويو، سنڌ ۾ اسڪولن جون موڪلون 20 ڊسمبر کان ٿينديون. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلن لاءِ تعليم کاتي پاران اڳ ۾ ئي نوٽيفڪيشن جاري ڪيل آهي جنهن مطابق سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون 20 ڊسمبر کان پهرين جنوريءَ تائين هونديون ۽ سمورا تعليمي ادارا سومر 3 جنوري 2020 کان کلندا. تعليم کاتي پاران اين سي او سي جي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو جنهن موجب سياري جون موڪلون 13 جنوري کان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔