ملڪ جو ڏيوالو ٿي وڃڻ جي بيان کانپوءِ شبر زيدي جي وضاحت

ڪراچي: اڳوڻي فيڊرل بورڊ آف روينيو چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته ملڪ جو ڏيوالو ٿيڻ بابت منهنجي بيان کي غلط رپورٽ ڪيو پيو وڃي.

شبر زيدي جي هڪ ويڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته ملڪ سٺو هلي رهيو آهي، اسان وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ اسان تبديلي آندي اهو سڀ غلط آهي، منهنجي حساب سان ملڪ جو ڏيوالو ٿي چڪو آهي.

پوءِ سوشل ميڊيا تي جاري بيان شبر زيدي وضاحت ڪئي ته نجي يونيورسٽي ۾ منهنجي تقرير ڏيڍ ڪلاڪ جي هئي پر رڳو 3 منٽن کي ڪڍي پيش ڪيو پيو وڃي.

هن چيو مون کي رڳو اهو ٻڌائڻو هو ته موجوده ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ مالي خساري جا معاملا ڏيوالي جهڙي ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال ظاهر ڪري رهيا آهن، جن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سندس چوڻ هو ته ملڪ جو ڏيوالو ٿيڻ بابت منهنجي بيان کي غلط رپورٽ ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔