فواد خان آمريڪي ويب سيريز جو حصو هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي: پاڪستاني سپر اسٽار ۽ رومانوي هيرو فواد خان تصديق ڪئي آهي ته هو به جلد رليز ٿيندڙ آمريڪي ويب سيريز ”مس مارول“ جو حصو آهي.

”مس مارول“ ويب سيريز جي مرڪزي ڪهاڻي ”ڪماليا خان“ نالي سپر هيرو ڇوڪري تي ٻڌل آهي جيڪا جيڪا حقيقت ۾ هڪ پاڪستان ڄاول ڇوڪري هجي ٿي.

اهو پهريون ڀيرو آهي جو ڪنهن به ويب سيريز جي ڪهاڻي نه رڳو پاڪستان پر مسلم ڇوڪري تي ٻڌل آهي. خبرون هيون ته فواد خان به ڄاڻايل ويب سيريز جو حصو آهي، پر هاڻ اداڪار به ان جي تصديق ڪئي آهي، پر پنهنجي ڪردار بابت وڌيڪ ڪا به وضاحت ناهي ڏني.

ڀارتي شوبز ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ فواد خان نه رڳو آمريڪي ويب سيريز ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهايو پر هن بالي ووڊ ڪيريئر تي به کلي ڳالهايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔