فراڊ ڪيس جي قيدي کان بي ايم ڊبليو ۽ آءِ فون ورتو، نورا فتحي جو انڪشاف

بالي ووڊ اداڪارا نورا فتحي فراڊ ۽ ڀتي خوري جي ڪيس ۾ ملوث جوابدار سُڪيش چندر شيکر کان قيمتي تحفا وٺڻ جو اعتراف ڪري ورتو.

انفورسمينت ڊائريڪٽوريٽ آف انڊيا طرفان سُڪيش چندر شيکر خلاف جاري ڪيل چارج شيٽ ۾ نورا فتحي جو نالو به شامل آهي، چارج شيٽ ۾ ٻڌايو ويو ته نورا فتحي سُڪيش جي هڪ تقريب ۾ شرڪت عيوض مهانگي گاڏي وصول ڪئي هئي.

هاڻ نورا فتحي انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ طرفان پڇا ڳاڇا دوران اعتراف ڪيو آهي ته هن کي سُڪيش چندر شيکر هڪ بي ايم ڊبليو سيڊان تحفي ۾ ڏني جڏهن ته سڪيشن چندر جي گھرواري به پنهنجي مڙس طرفان هڪ گوچي بيگ ۽ آءِ فون تحفي ۾ ڏنا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔