منهنجي ڪيس جي غلط رپورٽنگ ڪئي وئي: ميشا شفيع

لاهور: اداڪارا ۽ گلوڪارا ميشا شفيع چيو آهي ته ان ڪيس کان پوءِ شوبز انڊسٽري جي گھڻين عورت هراسان ڪرڻ تي مون سان رابطو ڪيو، منهنجي ڪيس جي غلط رپورٽنگ ڪئي وئي ۽ مون کي گھڻو مالي نقصان رسيو آهي.

سيشن ڪورٽ لاهور ۾ گلوڪار علي ظفر پاران ساک متاثر ڪرڻ واري دعويٰ تي گلوڪارا ميشا شفيع جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ميشا شفيع عدالت جي پيش ٿي حاضري مڪمل ڪرائي. عدالت ميشا شفيع جا وڪيل موجود نه هجڻ تي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالتي ڪارروائي کان پوءِ گلوڪارا ميشا شفيع عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ان واقعي کان پوءِ گھڻين شوبز انڊسٽري جي عورتن مون سان رابطو ڪيو.

هن چيو ته شوبز انڊسٽري جي عورتن مون سان هراسان ڪرڻ جي واقعن تي ڳالهايو. پر آئون انهن عورتن جا نالا نه ٻڌائينديس. آئون حق ۽ سچ سان گڏ بيٺل آهيان ان ڪيس جو انجام سٺو هوندو.

سندس چوڻ هو ته مون کي پهريون ڀيرو عدالت گھرايو ويو ته آئون حاضر ٿيس. ان ڪيس جي غلط رپورٽ ڪئي وئي آهي. مون کي ان کان اڳ ڪڏهن به عدالت طلب ناهي ڪيو. ان ڪيس بسبب مون کي گھڻي مالي نقصان رسيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔