اليڪشن ٽربيونل ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين جي خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

پشاور: اليڪشن ٽربيونل ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين جي خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. رپورٽ موجب پشاور ۾ سينيٽ جي خالي سيٽ تي چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ جي فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي.
اليڪشن ٽربيونل ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو اڄ ئي ٻڌائڻ جو امڪان آهي. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل موقف پيش ڪيو ته اليڪشن شيڊول جاري ٿيڻ کان پوءِ ووٽر لسٽ منجمد ٿي ويندي. شوڪت ترين جو ووٽ اليڪٽورل رول ۾ داخل نه آهي.
اليڪٽورل رول ۾ ووٽ داخل نه ٿيڻ تي شوڪت ترين ڪي پي سي سينيٽ چونڊون نٿو وڙهي سگهي. شوڪت ترين جي وڪيل علي گوهر موقف پيش ڪيو ته سينيٽ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جو وٽ سرٽيفڪيٽ ئي ڪافي هوندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔