نيب طرفان اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف ريفرنسز جو رڪارڊ غائب ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد : نيب طرفان اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف ريفرنسز جو رڪارڊ غائب ٿيڻ جو انڪشاف، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ آصف زرداري جي بريت خلاف اپيلن تي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته بدقسمتي سان آصف زرداري خلاف ريفرنسز جو رڪارڊ غائب ٿي ويو

احتساب عدالت رڪارڊ ڳولي پيش ڪرڻ جي مهلت ڏني آهي،  چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ ڪهڙن گرائونڊز تي آصف زرداري جو ڪيس رمانڊ ڪيو، نيب پراسيڪيوٽر چيو ته بدقسمتي سان اُهو به رڪارڊ موجود نه آهي، ريفرنسز جو رڪارڊ لاهور هاءِ ڪورٽ کان سپريم ڪورٽ اُماڻيو ويو هو، ڪا خبر ناهي ته رڪارڊ ڪٿان غائب ٿيو آهي

عدالت نيب پراسيڪيوٽر کي چيو ته توهان چوڻ چاهيو ٿا ته رڪارڊ سپريم ڪورٽ مان غائب ٿيو، نيب توهان جا نمائندا آهيو، پهرين ٻڌايو ته رڪارڊ ڪٿي غائب ٿيو، جسٽس عامر فاروق پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ ۽ احتساب عدالتن کي ڏسڻو پوندو ته رڪارڊ ڪٿي آهي، ائين ناهي ٿيندو، جتي به رڪارڊ ويندو آهي ته رجسٽر تي نوٽ ٿيندو آهي، نيب پراسيڪيوٽر اپيل اُڪلائڻ جي استدعا ڪري ڇڏي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔