وفاقي سرڪار طرفان ڪراچي ۾ گرين لائين بسز 25 ڊسمبر کان عوام لاءِ هلائڻ جو اعلان

ڪراچي: وفاقي سرڪار طرفان ڪراچي ۾ گرين لائين بسز 25 ڊسمبر کان عوام لاءِ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، ڪراچي ۾ گرين لائين بس تي سفر ڪرڻ بعد گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان منصوبي جو افتتاح ڪندو

گورنر عمران اسماعيل چيو تھ  25 ڊسمبر تي قائد اعظم ڊي کان شهري تڪيٽ خريد ڪري بس تي سفر ڪري سگهندا، وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پيپلز پارٽي 13 سال گذرڻ باوجود ڪراچي واسين کي هڪ بس به نه ڏني، ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ۾ وفاق جي حصي ۾ 5 منصوبا آيا، وفاقي حڪومت پنهنجي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت ٻڌائي ته پنهنجي حصي جي منصوبن تي ڪيترو ڪم ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔