پريانٿا ڪمار واقعي تي پاڪستان سان لاڳاپن ۾ ڪوبه فرق نه پوندو: سريلنڪن هاءِ ڪمشنر

اسلام آباد: سريلنڪن هاءِ ڪمشنر چيو آهي ته پريانٿا ڪمار واقعي تي پاڪستان سان لاڳاپن ۾ ڪوبه فرق نه پوندو. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي وفد سينيٽر علي ظفر جي اڳواڻي ۾ سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ڪئي ۽ شهري پريانٿا ڪمار جي قتل تي تعزيت ڪئي.
ان موقعي تي سريلنڪن هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا پراڻا دوست آهن. سريلنڪا ۽ پاڪستان هڪ ئي وقت ۾ آزادي حاصل ڪئي. پاڪستان هميشه سريلنڪا جو ساٿ ڏنو آهي ۽ اسان هميشه پاڪستان سان گڏ آهيون. جڏهن ته سريلنڪا جي عوام پاڪستان جي عمل مان مطمئن آهي.
واپاري ڪميونٽي ۽ سيالڪوٽ جي واپارين پريانٿا جي خاندان لاءِ جيڪو ڪيو ان تي سندن ٿورائتا آهيون. سريلنڪن هاءِ ڪمشنر چيو ته جن پاڪستانين اسان جو ساٿ ڏنو ان تي سندن ٿورائتا آهيون. ان کان علاوه وزيراعظم ۽ سمورين پارٽين طرفان جيڪو رد عمل آيو ان تي مطمئن آهيون.
هن چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي لاڳاپن ۾ ان واقعي سان ڪوبه فرق نه پوندو. اسان کي اميد آهي ته پاڪستان مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ پڪا قدم کڻندو. واضح رهي ته سيالڪوٽ ۾ واپارين جي اجلاس ۾ سريلنڪن شهري پريانٿا ڪمار جي گهر ڀاتين کي هڪ ڪروڙ 73 لک روپين جي مالي مدد ۽ مقتول جي ماهوار پگهار به ان جي وارثن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔