ڀارت امن جي خواهش کي ڪمزوري سمجهي رهيو هو، ملڪ ۾ ٿنڪ ٽيڪس جي ضرورت آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت اسان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري سمجهي رهيو هو، اسان جي پوري ڪوشش هئي ته ڀارت سان ڳالهيون ٿين ۽ ان معاملي تي مودي سان ٽيليفون تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملڪ ۾ ٿنڪس ٽينڪس جي ضرورت آهي.
اسلام آباد ۾ پرامن ۽ خوشحال ڏکڻ ايشيا جي موضوع تي ڪانفرنس ٿي. وزيراعظم عمران خان ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي چيو ته نائن اليون کان پوءِ اسلام ۽ پاڪستان جي خلاف پروپيگنڊا ڪيو ويو. ٻاهر ويهي اسان جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي هڪ طبقو سمجهي ٿو ته جيڪو يورپ مان ايندو آهي اهو سڀ صحيح آهي. ٻاهر ويهي چيو ويندو آهي ته پاڪستان تمام گهڻو خطرناڪ ملڪ آهي. ٻاهر جي ماڻهن کي اسان جي تاريخ ۽ ثقافت جي خبر نه آهي. اسان پنهنجا ٿنڪ ٽيڪس ختم ڪيا ۽ ٻاهر جي سوچ کي ملڪ ۾ لاڳو ڪيو. يورپ جي ماڻهن ۾ برداشت نه آهي جڏهن ته اسان جي قوم ۾ سڀني کان وڌيڪ برداشت آهي.
وزيراعظم چيو ته اسان ڪولڊوار ۽ نه ئي ڪنهن بلاڪ جو حصو بنجڻ چاهيون ٿا. جڏهن ته سعودي عرب ۽ ايران جي معاملي تي سموري دنيا اسان جي ڪردار جي تعريف ڪئي آمريڪا ۽ چين ۾ وڇوٽيون به ختم ٿيڻ گهرجن. عمران خان چيو ته پوري ڪوشش ڪنداسين ته ڀارت سان ڪشمير مسئلي تي ڳالهيون ٿين. اسان جي ڪوشش هوندي ته ڳالهين جي ذريعي مسئلا حل ٿين. بدقسمتي سان اسان جو مقابلو آر ايس ايس جي نظرئي سان آهي. ڀارت ۾ آر ايس ايس جو نظريو پائيدار نه آهي.
ڀارت ۾ 50 کان 60 ڪروڙ ماڻهن کي ٻئين درجي جو چيو ويندو آهي. افغانستان جي مسئلي تي ڳالهائيندي عمران خان وڌيڪ چيو ته پهرين ايٽمي جنگ سان دنيا کي تمام گهڻو نقصان ٿيو. افغانستان ۾ 40 سالن کان ماڻهو پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. افغانستان جي صورتحال اسان جي لاءِ پريشان ڪندڙ آهي. عالمي برادري افغانستان جا اثاثا منجمد ڪري رکيا آهن. افغانستان جا فنڊز منجمد ڪرڻ سان انساني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. ڪوشش آهي ته افغان صورتحال تي دنيا جو ڌيان ڇڪرايو وڃي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سي پيڪ جا فائدا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. آمريڪا ۽ چين ۾ فاصلا گهٽ ڪرڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي جي معاملي تي سنجيدگي نظر نه پئي اچي. پاڪستان ۽ ڀارت کي ملي موسمياتي تبديلي تي ڪم ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔