اومي ڪرون ويريئنٽ ۾ مبتلا عورت ڪورونا ويڪسينيشن نه ڪرائي هئي،صحت کاتو سنڌ

ڪراچي : سنڌ جي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته اومي ڪرون ويريئنٽ ۾ مبتلا عورت جي عمر 65 سال آهي ۽ هن ڪورونا ويڪسينيشن نه ڪرائي هئي

صحت کاتي موجب اومي ڪرون کان متاثر عورت اوڀر ضلعي جي رهواسڻ آهي، جنهن کي اسپتال مان گهر منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته متاثر عورت جي سفري تاريخ سامهون ناهي آئي

صحت کاتي موجب اومي ڪرون جي شڪ ۾ عورت سميت 4 ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا هئا ۽ چئن ڄڻن کي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويوهو، 2 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي چڪي آهي ۽ هڪ مريض جي نتيجي جو انتظار آهي

صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ٻن ماڻهن کي گهر موڪليو ويو آهي ۽ ٻن جو اسپتال ۾ علاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته چئن مان هڪ ڄڻي جي ويڪسين ٿيل آهي

ٻئي طرف پارلياماني صحت واري سيڪريٽري قاسم سومرو چيو آهي ته جنهن فلائيٽ ۾ عورت آئي هئي ان جي سمورن مسافرن جي به ٽيسٽ ڪئي ويندي، متاثر عورت جي سفري تاريخ معلوم ڪئي پئي وڃي، متاثر عورت جي مٽن مائٽن جو به ڪورونا ٽيسٽ ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔